ڀواني شنڪر

ڀواني شنڪر

ڀواني شنڪر

ڀواني شنڪر (پکاوج نواز ):ڀواني شنڪر سال 1950ع ۾ جنم ورتو. سندس والد باجو لال ڪٿڪ هو. باجو لال ڪٿڪ ناچ جو تمام وڏو فنڪار ٿي گذريو آهي. هن پنهنجي پيءُ کان پکاوج جي تعليم ننڍي لاڪر ورتي ۽ هن وقت دنيا ۾ پکاوج وڄائڻ وارن چند ماڻهن مان هڪ آهي. ڀواني شنڪر پکاوج ۾ ڪيترائي نوان تجربا ڪيا، جنهنڪري استاد ذاڪر حسين کيس گذارش ڪئي ته هو سندس ٽيم ۾ داخل ٿئي. هو درپد وڄائڻ ۾ خاص مهارت رکي ٿو. هونئن عام طرح پکاوج تي درپد وڄائڻ تمام اوکو ڪم آهي. هن شِوِ ڪمار شرما ۽ پنڊت هري پرساد چوراسيه (جيڪو پنا لال کان پوءِ وڏي ۾ وڏو بانسري نواز آهي) سان به سنگت ڪئي آهي. پنهنجي دور جي پکاوجين استاد طالب حسين، ماڻڪ مُندي، راجا ڇترپتي سنگهه ۽ اکليش گونديچا وارن ۾ مٿانهون مقام رکي ٿو.


لفظ ڀواني شنڪرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو